بيجو باورا

بيجو باورا (گائڪ ):بيجو باورا هندستاني سنگيت ۾ 16 صديءَ جو هڪ عظيم نالو ٿي گذريو آهي. پاڻ مغلِ اعظم اڪبر بادشاهه (1605- 1556ع) (ڏسو: اڪبر بادشاهه) جي درٻار سان لاڳاپيل هو،کيس ڌرپد گائڪيءَ جو باني سمجهيو وڃي ٿو.
ميان تانسين ۽ نائڪ بخشو سندس هم عصر گائڪ هئا. بيجو باورا سوائي هري داس جو شاگرد هو. بيجو باورا ۽ ميان تانسين جي معرڪي بابت هندستان ۾ سال 1953ع ۾ هڪ فلم ٺهي، چڪي آهي.


لفظ بيجو باوراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو